ٽئڪسي ڊرائيورز يونين

ٽئڪسي ڊرائيورز يونين: پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ ڪارن سان گڏوگڏ ٽئڪسين جي تعداد ۾ به واڌ آئي ۽ ڪراچيءَ جي ٽئڪسي ڊرائيورن 19 نومبر 1935ع تي پنهنجي هڪ تنظيم ” ٽئڪسي ڊرائيورز يونين “ جي نالي سان ٺاهي . هن تنظيم کي اڳتي هلي ڪراچيءَ جي ميئر ختم ڪرائي ڇڏيو . جنهن هڙتال ڪرائي ، اها ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ پهرين هڙتال هئي . ان وقت ” ٽئڪسي ويهيڪل “ في 70 رپيا سالانه هئي ، جيڪا انهن گهٽ ڪرائي 50 رپيا ڪرائي ، ۽ ڊرائيونگ لائسنس في تڏهن 5 رپيا ۽ گاڏيءَ جي رجسٽريشن في صرف هڪ رپيو هئي.


لفظ ٽئڪسي ڊرائيورز يونينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو